SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تهذيبن جو ٽڪراءُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تهذيبن جو ٽڪراءُ

Clash of Civilizations

ڪليش آف سِوليزيشنس

1993ع ۾ آمريڪا جي سياسي مُفڪر ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي صلاحڪار، سيموئيل هنٽنگٽن Samuel P.Huntington جو مضمون جڳ مشهور رسالي Foreign Affairs ۾ ڇپيو ، جنهن ۾ اوڀر ۽ اولهه جي تهذيبن جي وچ ۾ اختلافي اُهڃاڻن کي کولي سامهون آندو ويو. هي نظريو سڀ کان منفرد ڳالهه اِها ٻڌائي ٿو ته ايندڙ وقتن ۾ دُنيا جون قومون مذهبي، ثقافتي ۽ قومي سُڃاڻپ جي بنيادن تي وڙهنديون. ان ڏس ۾ هنٽنگٽن Clash of Civilizations مضمون ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: ”منهنجو خيال آهي ته ايندڙ وقتن ۾ قومون سياسي نظرين جا بُنياد ويڙهه يا جنگيون ڪرڻ جي مَتي تي رکنديون . اُهي هڪٻئي سان چٽا-ڀيٽي معاشيات جي بنيادن تي نه بلڪه پنهنجي تهذيب کي مڃرائڻ يا ان جي حفاظت خاطر وڙهنديون.“ هنٽنگٽن طرفان هيءُ خدشو مشرقي ۽ مغربي ثقافتن جي هڪٻئي کان بلڪل مختلف هجڻ واري خيال هيٺ ڏيکاريو ويو آهي. ليکڪ طرفان اسلام جي بنيادي اصولن کي دنيا جي معاشي سرگرمين (مثال طور: آزاد منڊيون) جي لاءِ وڏو خطرو هجڻ جي علامت طور پيش ڪيو آهي. هنٽنگٽن جي نظر ۾ مسلمانن جو سڄي دنيا ۾ پکڙجڻ، اهڙي تهذيبي ٽڪراءَ جي اڳواٽ آگاهي آهي. ليکڪ جي اهڙن خدشن تي دُنيا ۾ تمام گهڻي تنقيد ٿي آهي. محققن جو رايو آهي ته هنٽنگٽن اسلام جي بنيادي اصولن کي سمجهڻ کان بغير ئي اهي ناڪاري خدشا ظاهر ڪيا آهن. سندن چوڻ موجب دُنيا جي مُختلف قومن جو هڪ هنڌ هجڻ ۽ مُختلف ثقافتن سان اُن کي سينگارڻ وارو عمل (Multi- lateralism) دنيا لاءِ جهيڙي جي سبب طور نه بلڪ دُنيا کي درپيش مسئلن جي حل طور ڏٺو وڃي. هنٽنگٽن جي نقادن طرفان اُٿاريل انهن اعتراضن کي رد ڪندي، هنٽنگٽن جي مغربي ساٿارين جو هڪ وڏو گروهه اسلام جي پکڙجڻ کي ”تهذيبن جي ٽڪراءَ“ جو بنيادي سبب سمجهي ٿو


Remember Me Also:

دهقان

ذ. صفت. ف. دِهه = زمين جو ٽُڪر + قان > خاقان = مالڪ ديهه جو مالڪ ، دهدار. زميندار. ڳوٺ جو مالڪ ، رئيس ، چڱو مڙس. ٻهراڙِيءَ جو ڳوٺاڻو ، هاري ، ڪڙمي. جاهل ، چَڪُ ، قصَبو ، ديهات ، ٻهراڙي ، واهَڻُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal